اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) ق??مي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته (2018ع جي سينيٽ چونڊن جي موقعي تي صوبائي اسيمبلي جي ڪجهه ميمبرن ??ي رقم جي ادائيگي جي) جي وڊيو ۾ ڏيکاريل جاءِ اسپيڪر هائوس پشاور نه آهي ۽ نه ئي منهنجو ان ??عاملي سان ڪو تعلق آهي. اهڙي طرح جا بيان صرف معاملن تان ڌيان ??ٽائڻ جي ناڪام ڪوشش آهن. پنهنجي هڪ وضاحتي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته 2018ع ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان ??ڌايو ته اهڙي طرح جي ڏي وٺ ٿي آهي ۽ سڄي پارٽي جو فيصلو هيو ته انهن ميمبرن جي خ??اف ڪارروائي ڪئي وڃي، هاڻي اهڙي طرح جا بيان صرف معاملن تان ڌيان ??ٽائڻ جي ناڪام ڪوشش آهي.