اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي ذخيره اندوزي ۽ ناجائز منافع خوري جي خلا?? سخت قانوني ڪارروا??ي جي هدايت ڏيندي چيو ته شوگ?? ملن جي نگراني جي لاءِ ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم لاڳو ڪرڻ يقيني بڻايو وڃي ته جيئن کنڊ جي اصل پيداواري مقدار جو پتو لڳائي ??گهجي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ کنڊ جي قيمت وڪرو ۽ ذخيره اندوزي جي خلاف قدمن جي حوالي سان جائزه اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، احتساب وارو صلاحڪار شهزاد اڪبر، خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل ۽ سينئر آفيسر موجود هئا جڏهن ته پنجاب جو صنعت وارو صوبائي وزير ميان اسلم اقبال ۽ چيف سيڪريٽري پنجاب وڊيو لنڪ جي ذريعي شريڪ ٿيا. وزيراعظم کنڊ جي ذخيره اندوزي ۽ ناجائز منافعي خوري جي خلا?? سخت قانوني ڪارروا??ي جي هدايت ڪئي، وزيراعظم چيو ته شوگ?? ملن جي نگراني لاءِ ٽريڪ اينڊ ٽريس سٽم لاڳو ڪرڻ يقيني بڻايو وڃي ته جيئن کنڊ جي اصل پيداواري مقدار جي خبر پئجي سگهي، ناجائز منافعو ڪمائيندڙ غريب عوام جا دشمن آهن ۽ رياست انهن عنصرن جي خلا?? سخت ڪارروائي ڪندي. پنجاب جي چيف سيڪريٽري اجلاس کي آگاهه ڪيو ته صوبي ۾ کنڊ جي مقرر ڪيل وڪرو جي قيمت کي لاڳو ڪرڻ لاءِ سموري ضلعي انتظاميه کي نگراني ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون ويون آهن، ان ڏس ۾ ذخيره اندوزي ۽ ناجائز منافعو ڪمائڻ ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف قانوني ڪارروا??ي جو عمل شروع آهي، ان کانسواءِ شوگ?? ملڪن تي سي سي ٽي وي ڪئم??را به لڳايا ويا آهن جنهن جي مدد سان ڪمند جو مقدار ۽ پيداوار ٿيل کنڊ جي نگراني ڪئي ويندي، سمورين شگ?? ملن مان ڪرشنگ جي دوران روزاني جي بنياد تي معلومات به جمع ڪئي ويندي.