اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا گرمي جي ايندڙ موسم ۾ ڊينگي جي خطري تي ضابطو آڻڻ جي ل??ءِ ڪجهه ضروري دوائون ڀارت کان درآمد ڪرڻ جي هڪ ڀيري جي اجازت جي تجويز رد ڪري ڇڏي جڏهن ته کنڊ جي معاملي جي جاچ ڪندڙ ڪميٽي کي ??اڪستان ڪميشن آ?? انڪوائري ايڪٽ 2017ع تحت ڪميشن آ?? انڪوائري جا اختيار ڏيڻ، هر سال پروف آف ليونگ (زندهه هجڻ جو ثبوت) جي ڏس ۾ نادرا جي بايوميٽرڪ ويريفڪيشن نظام کي ??اڳو ڪرڻ، وفاقي گادي واري شهر جي حدن ۾ موجود ادارن ۾ گريڊ هڪ کان 15 تائين جي جاين ل??ءِ اسلام آباد ڊوميسائيل رکندڙ ماڻهن جي ڪوٽا 50 سيڪڙو ڪرڻ، مختلف ادارن ۾ مقررين جي منظوري ڏيندي، سيڙپڪاري بورڊ جي چيئرمين زبير گيلاني جي استعيفيٰ منظور ڪئي وئي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪابينا وفاقي ملازمن پاران پگهارن ۾ اضافي جي مطالبي جو پڻ جائزو ورتو. ڪابينا کي ??ڌايو ويو ته صوبائي حڪومتن پاران روايت جي ابتڙ ملازمن جي پگهارن ۾ اضافو ڪيو ويو جنهن سان صوبائي ۽ وفاقي سطح تي پگهارن ۾ فرق موجود آهي جڏهن ته سرڪاري ملازمن جي ل??ءِ پنهنجا مطالبا پيش ڪرڻ جو هڪ طريقو قانون ۾ موجود آهي جنهن جي پاسداري انتهائي ضروري آهي.