اسلام آباد – 31 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا معصوم ۽ بي گناهه ڪش??يرين سان پنج مهينن کان جاري رياستي دهشتگردي، ڀارت ۾ اقليتن خاص طور تي مسلمان مخالف تڪراري قانونسازي، ظلم ۽ ڏاڍ جي خلاف مذمتي قرارداد اتفاق راءِ ??ان منظور ڪري ورتي، ڪابينا عالمي فورمز تي ڪش??يرين جو ڪيس بهتر انداز ۾ وڙهڻ تي وزيراعظم جي ڪوششن کي ساراهيندي عالمي برادري جي سمورن اڳواڻن، انساني حقن جي علمبردار تنظيمن ۽ عالمي ادارن کي اپيل ڪئي ته ڪش??يرين سان ٿيندڙ زيادتين جو نوٽيس وٺن، وزيراعظم جنوري جي پهرين هفتي بنيادي ضرورت جي شين تي 6 ارب روپيا سبسڊي ۽ جنوري جي آخري هفتي ۾ ڪمزور طبقن جي بنيادي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ مالي مد?? ڪارڊ جاري ڪندو، وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مد??گار ڊاڪٽر ف??دو?? عاشق اعواڻ وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪابينا اجلاس جي آغاز ۾ گذريل تقريبن پنج مهين کان والاريل ڪش??ير ۾ جاري ڪرفيو ۽ معصوم ڪش??يرين تي ظلم ۽ ستم جي شديد مذمت ڪئي.