اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان سعودي عرب جي التميمي گروپ آف ڪمپنيز جي چيئرمين شيخ طارق علي عبدالله التميمي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق د??ئو?? ۽ اعليٰ عملدار به موجود هئا. وزيراعظم عمران خان شيخ طارق علي عبدالله التميمي کي ڀليڪار چوندي حڪومت طرفان ڪاروبار ۾ آساني پيدا ڪرڻ ??ابت کنيل قدمن ۽ باصلاحيت سيڙپڪارن لاءِ ون ونڊو آپريشن جي سهولت با??ت آگاهه ڪيو.