اسلام آباد – 24 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان کي آءِ ايم ??يف جي مينيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽيلينا جارجيوا خط موڪليو آهي جنهن ۾ افغانستان مان پ??هن??ي اسٽاف ۽ ان جي وارثن جي واپسي جي حوالي سان مثبت ڪردار تي پاڪستان جو ٿورو ادا ڪيو ويو آهي. آءِ ايم ??يف جي مينيجنگ ڊائريڪٽر افغانستان مان واپسي جي حوالي سان پاڪستان جي اهم ڪردار تي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته انتهائي مشڪل وقت ۾ افغانستان مان آءِ ايم ??يف اسٽاف ۽ سندس خاندانن جي حفاظت سان واپسي تي دل جي گهراين سان شڪر گذ??ر آهيان، آءِ ايم ??يف جي ايم ڊي ڪرسٽيلينا جارجيوا وزيراعظم جي نالي خط ۾ پرڏيهي وزير، ناڻي واري وزير، دفاع واري وزير ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جي ڪردار کي به ساراهيو آهي. هن چيو ته مشڪل وقت ۾ واپسي جي حوالي سان پاڪستان ??ار??ن اعليٰ سطح تي ڪيل ڪوششون اهم اهميت رکندڙ آهن، هن چيو ته پاڪستان ۽ آءِ ايم ??يف جي وچ ۾ پارٽنرشپ تي ٿورائتا آهيون ۽ ان تعاون جي تسلسل جا خواهشمند آهيون، ڪرسٽيلينا جارجيوا وزيراعظم عمران خان ۽ پاڪستاني عوام لاءِ نيڪ خواهشن جو به اظهار ڪيو.