اسلام آباد – 28 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پنهنجو گهر اسڪيم سان ملڪ ۾ تعميراتي شعبي ۾ ??نق??اب ايندو، اهو منصوبو پاڪستا?? جي عوام کي پنهنجو گهر، روزگار جا موقعا، ملڪي دولت ۾ اضافي ۽ معيشت ک?? فروع ڏيندو، ملڪ جي مستقبل جي لاءِ هي اهم منصوبو آهي، اسٽيٽ بئنڪ ۽ نيشنل بئنڪ جا سربراهه عوام جون مشڪلاتون ختم ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻن. هو هائوسنگ ٽيلي ٿان کي ٽيليفونڪ خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي اسٽوڊيو ۾ سينيٽر شبلي فراز، نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جو چيئرمين، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر رضا باقر، نيشنل بئنڪ پاڪستان جو صدر موجود هئا. ماڻهن پاران ان موقعي تي سڌوسنئون ڪالز ڪري پنهنجي مسئلن کان آگاهه پڻ ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو اهڙن ماڻ??ن کي موقعو ڏنو پيو وڃي جيڪي پنهنجو گهر خريد ڪرڻ جي صلاحيت نه ٿا رکن، ان??ن کي هي موقعو ڏنو پيو وڃي ته جيڪا رقم اهي گهر?? جي ڪرايي جي مد ۾ ڏئي رهيا آهن اها ئي قسط ادا ڪن. يورپ آمريڪا ۾ اهڙي طرح بئنڪن کان قرض وٺي گهر خريد ڪيا وڃن ٿا جڏهن ته پاڪستان ۾ اهو رواج نه هو. اسان پهريون ڀيرو اهو شروع ڪيو آهي. هن اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستا?? جي گورنر رضا باقر ۽ نيشنل بئنڪ جي صدر کي هدايت ڪئي ته اهي قرض حاصل ڪرڻ ۾ مشڪلاتون ختم ڪن ۽ عوام جي لاءِ آسانيون پيدا ڪن. هن اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر کي تاڪيد ڪئي ته هو سمورين بئنڪ?? جي سربرا??ن کي ٻڌائي ته بئنڪ ماڻه?? جي لاءِ آسانيون پيدا ڪري.