ڪراچي – 05 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪراچي جي مسئلن جي مستقل حل لاءِ 1100 ارب روپين جي تاريخي پيڪيج جو اعلان ڪ??و آهي اهو پيڪيج وفاقي ۽ صوبائي حڪومت گڏجي جوڙيو آهي، ڪراچي جي مسئلن جي حل لاءِ صوبائي ڪوآرڊينيشن عملدرآمد ڪميٽي جوڙي ويندي. ڪراچي جي دوري جي موقعي تي ڪراچي ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان ان تاريخي پيڪيج جو اعلان ڪ??و، هن چيو ته ڪراچي جي مسئلن جي حل لاءِ اجلاس ۾ تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، اسان ڪ??شش ڪنداسين ته ٽن سالن ۾ ڪراچي ۾ پاڻي جو مسئلو حل ٿي وڃي، نالن جي صفائي جو ڪم اين ڊي ايم اي جي حوالي ڪيو ويو آهي جنهن ان تي ڪم به ??رو?? ڪري ڇڏيو آهي، هتي آباد غريب ماڻهو بي گهر ٿيندا جنهن کي ٻيهر آباد ڪرڻ جي ذميداري سنڌ حڪومت جي آهي، وزيراعظم چيو ته سيوريج سسٽم جي حوالي سان فيصلو ڪيو ويو آهي، انهي پيڪيج ۾ ان مسئلي کي به مڪمل حل ڪيو ويندو، ان سان گڏوگڏ سالڊ ويسٽ جو مسئلو به ان پيڪيج تحت ئي حل ڪيو ويندو، وزيراعظم چيو ته ڪراچي ۾ ٽرانسپورٽ جو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ سرڪلر ريلوي به انهي پيڪيج تحت مڪمل ٿيندو، ڪراچي ۾ گرين لائن منصوبو به مڪمل ڪنداسين، وزيراعظم چيو ته ڪراچي جي ماڻهن کي مشڪل حالتن مان گذرڻو پيو آهي تنهن هوندي به اهي مسئلا ان ڪ??يٽي جي تعاون سان حل ڪنداسين.