اسلام آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته سنڌ حڪومت جي وقت سر قدم نه کڻڻ تي سنڌ جي عوام ڪڻڪ ۽ اٽو مه??نگ?? خريد ڪري رهي آهي، سنڌ ۾ ڪڻڪ جي گهٽتائي ۽ قيمتن ۾ اضافي جو سبب فلور ملن ک?? ڪڻڪ جاري نه ڪرڻ آهي، سنڌ ۽ پنجاب ۾ ڪڻڪ جي پيداوار وڌيڪ ٿي آهي، سنڌ حڪومت پاران ڪڻڪ رليز نه ڪرڻ سبب سنڌ جا ماڻهو مه??نگ?? ڪڻڪ ۽ اٽو خريد ڪرڻ تي مجبور آهن. هو غذائي ??حف?? ۽ تحقيق واري وفاقي وزير سيد فخر امام سان گڏ پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. وفاقي وزير شبلي فراز چيو ته پنجاب حڪومت ڪڻڪ ۽ اٽي جي قيمتن ۾ استحڪام لاءِ سبسڊي ڏيڻ سان گڏوگڏ وقت سر فلور ملن ک?? ڪڻڪ جاري ڪئي آهي ان لاءِ پنجاب ۾ ڪڻڪ ۽ اٽي جي قيمتن ۾ استحڪام آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت اهڙي صورتحال بڻائي ڇڏي آهي جو سنڌ جي عوام کي هاڻي نق??ان ٿي رهيو آهي. هن چيو ته هن سال پنجاب ۽ سنڌ ۾ ڪڻڪ جي وڌيڪ پيداوار ٿي آهي، ان جي باوجود مارڪيٽ ۾ اهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته ڪڻڪ ۽ اٽي جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت جي وقت سر قدم نه کڻڻ تي سنڌ جي عوام ڪڻڪ ۽ اٽو مه??نگ?? خريد ڪري رهي آهي.