اسلام آباد – 03 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ نمايان گهٽتائي جي باوجود کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي بدران اضافي جي رجحان تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي جڏهن ته هن ان خواهش جو پڻ اظهار ڪيو آهي ته وڏا وزير ۽ چيف سيڪريٽريز ان معاملي ک?? ذاتي طور تي ڏسن. وزيراعظم عمران خان پاران وزيراعظم جي ناڻي واري صلاحڪار ۽ نيشنل پرائس مانيٽرنگ ڪميٽي ک?? چيو ويو آهي ته ان ڳالهه جو ڪو منطق نه آهي ته جڏهن تازو ئي ڪڻڪ جي وا??يءَ ٿي آهي، اهڙي ??ور?? ۾ اٽي جون قيمتون ڪيئن وڌي ويون.