اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته حفاظتي تدبيرون اختيار ڪرڻ جي حوالي سان موثر عوامي آگاهي مه?? کي يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم آ??يس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اها هدايت هن اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ سان ملاقات دوران ڪئي. ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ اطلاعات واري وزارت پاران ڪورونا وائرس جي حوالي سان عوامي آگاهي مهم خاص طور تي رمضان مهيني ۾ حفاظتي تدبيرون اختيار ڪرڻ جي حوالي سان عوا?? کي ترغيب ڏيڻ جي حوالي سان جوڙيل حڪمت عملي تي وزيراعظ?? کي بريفنگ ڏني.