اسلام آباد – 13 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي چيو آهي ته پاڪستان قطر سان ڀائراڻي ٻه طرفي لاڳاپن کي مضبوط سياسي ۽ معاشي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ پ??عزم آهي، قطر پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي اڀرندڙ موقعن مان فائدو کڻي سگهي ٿو. ايوان صدر ??ان جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار قطر جي عهدو ڇڏيندڙ س??ير قصر بن مبارڪ المنصوري سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس الوداعي ملاقات ڪئي.