لاهور – 02 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته امن رڳو پاڪستان نه پر پوري دنيا جي ضرورت آهي، دنيا هن وقت جنگ نه پر امن چاهي ٿي، پاڪ ڀارت سميت ٽئين دنيا جا ??لڪ هڪ جهڙن مسئلن ۾ ورتل آهن جن کي گڏجي پرامن ط??يقي سان حل ڪرڻو پوندو، پرامن ??اح??ل هوندو ته خطي ۾ امن ۽ خوشحالي ايندي، اڄ اسان جو پروگرام امن ط??ف هڪ وڏو قدم آهي جنهن ۾ سڄي ??نيا جي ملڪن مان آيل شاگردن کي متحرڪ ڪرڻ جي بهترين ڪوشش ڪئي وئي آهي ته جيئن مسئلن جو پرامن ط??يقي سان حل ڪڍي سگهجي. هو الحمرا هال ۾ انٽرنيشنل اسٽوڊنٽ ويڪ ان پاڪستان جي اهتمام هيٺ يوٿ موبلائيزيشن ان پيس بلڊنگ جي عنوان سان منعقد سيمينار کي خطاب ڪري رهيو هو.