اسلام آباد-16 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چي?? آهي ته خاتم النبين حضرت محمدﷺ صرف مسلمانن لاءِ ئي نه پر پوري انسانيت ۽ سموري ڪ??ئن??ت لاءِ رحمة للعالمين بڻائي ڪري موڪليا ويا هئا، اخوت ۽ ڀائيچاري جي فضا قائم ڪرڻ لاءِ اسوة حسنه رسولﷺ جي پيروي اڻٽر آهي. ڪا??هه سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين عيد ميلادالنبيﷺ جي برڪتن ڀرئي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ سڄي عالم جي مسلمانن ۽ خاص طور تي سمورن پاڪستانين کي دل جي گهرائين سان مبارڪباد پيش ڪندي الله تعاليٰ کان دُعا ڪئي ته ان بابرڪت ڏينهن جي فضيلت ۽ سعادت سان هر مسلمان جو دل نُور سان ڀري ڇڏي ۽ پياري وطن کي ان مقدس ڏينهن جي نسبت سان پنهنجي رحمتن ۽ برڪتن سان مالامال ڪري. ان لحاظ کان 12 ربيع الاول جو ڏهاڙو اسلامي تاريخ جو ئي نه پر پوري ڪ??ئن??ت ۽ انسانيت لاءِ رحمتن ۽ برڪتن وارو ڏينهن آهي. هي ڏينهن پوري انسانيت کي نسلي، علائقائي، طبقاتي، لساني ۽ جاگرافيائ?? تعصبن جي ڌُٻڻ مان ڪڍي امن ۽ محبت ۽ وحدت ۽ توحيد جو درس ڏئي ٿو. اخوت ۽ ڀائيچاري جي فضا قائم ڪرڻ لاءِ اسوة حسنه رسولﷺ جي پيروي اڻٽر آهي، ڇاڪاڻ ته اسان جي بقا ديني ۽ دنياوي جي ڪاميابيءَ جو دارومدار اسوة حسنه جي مڪمل پيروي تي آهي. اڄ برڪتن وارو ڏينهن ملهائڻ جو احسن طريقو اه?? آهي ته اسان پنهنجي ڪردار، ڳا??هه ٻولهه، اخلاق ۽ عمل سان اهو ثابت ڪريون ته اسان رحمة للعالمين جا اُمتي آهيون ۽ پياري پيغمبر حضرت محمدﷺ ج?? تعليمات تي عمل ڪندي پنهنجي اندر اتحاد ۽ اتفاق، گڏيل محبت ۽ رواداري ۽ احساس ۽ ذميداريءَ جهڙا ناياب گُڻ پيدا ڪريون جيڪي اسان جي ملڪ ۽ قوم جي خوشحالي، بقا ۽ پوري دنيا ۾ ترقيءَ لاءِ راهون هموار ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن. مان ان مقدس ۽ برڪتن وا??ي ڏهاڙي جي مناسبت سان سمورن شهيدن، غازين ۽ مجاهدن کي به خراجِ عقيدت پيش ڪرڻ چاهيان ٿو جن وطن عزيز جي حفاظت لاءِ لازوال قربانيون ڏنيون. حضور اڪرمﷺ جي زندگي انسانيت لاءِ مشعل راهه ۽ دنيا ۽ آخرت جي ڪاميابي جي ضمانت به. مان الله تعاليٰ در دُعاڳ?? آهيان ته اسان کي پنهنجي زندگي نبي اڪرمﷺ ج?? تعليمات جي روشنيءَ ۾ گذارڻ جي توفيق عطا فرماءِ. آمين