ڪراچي – 07 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز سان پاڪستان براڊ ڪاسٽر ايسوسيئيشن جي عهديدارن ملاقات ڪئي، پي بي اي جي صدر شڪيل م??عود اطلاعات واري وزير کي اليڪٽرانڪ ميڊيا صنعت کي درپيش مسئلن کان آگاهه ڪيو، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته منهنجي لاءِ توهان سان ملاقات خوشي جوڳي ڳال??ه آهي، ملاقات کانپوءِ مسئلن کي بهتر انداز ۾ سمجهڻ جو موقعو مليو، گڏيل تعاون ۽ رابط?? مسئلن جي حل لاءِ ضروري آهن.