اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم بجلي ۽ گئس جي صارفين جي لاءِ غيرضروري مسئلا پيدا ڪندڙ ۽ بدعنواني ۾ ملوث عنصرن جي خلاف س??ت ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ت?? توانائي جي شعبي ۾ سڌارا معيشت جي اس??حڪ??م جي لاءِ ضروري آهن، انتظامي خامين، چوري، ڪرپشن ۽ ٻين مسئلن جو سڄو بار عوام کي برداشت ڪرڻو پوي ٿو، اهو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار هن توانائي جي شعبي ۾ سڌارن بابت هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب وزيراعظم کي توانائي جي شعبي ۾ جاري سڌاراجاتي عمل، ملڪي ضرورتن موجب بجلي جي پيداوار، پهچ ۽ ورڇ جي نظام کي جديد رخن تي قائم ڪرڻ، گئس جي شعبي ۾ سڌارن ۽ توانائي جي شعبي جي پراڻن مسئلن جي حل جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ت?? توانائي جي شعبي ۾ سڌار?? ملڪي معيشت جي اس??حڪ??م لاءِ تمام ضروري آهن. هن چيو ت?? توانائي جي شعبي ۾ موجود انتظامي خامين، چوري، ڪرپشن ۽ ٻين مسئلن جو سڄو بار عوام کي برداشت ڪرڻو پوي ٿو جيڪو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ت?? توانائي جي شعبي ۾ سڌاراجاتي حڪمت عملي تي مقرر ٽائيم لائينز سان عملدرآمد جي لاءِ ايڪشن پلان جوڙيو وڃي.