لاهور / اسلام آباد – 13 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سمارٽ لاڪ ڊائون ئي پاڪستان جهڙن ملڪن جي لاءِ ڪو??ونا وائرس کي منهن ڏيڻ جو واحد حل آهي، ڪو??ونا جو ڦهلاءُ به روڪڻو آهي ۽ معيشت جو ڦيٿو هلائڻو آهي ته جيئن غريب ت?? بار نه پوي، عوام احتياط نه ڪيو ته مشڪل صورتحال کي منهن ڏيڻو پوندو، عوام احتياط نه ڪيو ته ان لاءِ وائرس تيزي ??ان پکڙيو، هاڻي لاڪ ڊائون نه ڪنداسين پر مخصوص ايرياز بند ڪرائينداسين ۽ ايس او پيز تي عملدرآمد ڪرائڻ ۽ ڪو??ونا جو ڦهلاءُ روڪڻ جي لاءِ سختي ڪنداسين، عوامي جاين تي ماسڪ پائڻ لازمي ??وندو، عوام جي مٿان آهي ته احتياطي تدبيرن تي عمل ڪري حالتن کي بگڙڻ کان بچائي، صوبن جا دورا به ڪندس ۽ ڪو??ونا جي ڦهلاءُ جي صورتحال ۽ ايس او پيز تي عملدرآمد کي پاڻ مانيٽر ڪن??س. ??و پنجاب ۾ ڪو??ونا وائرس جي صورتحال بابت اعليٰ سطحي اجلاس کانپوءِ ڳالهائي رهيو هو.