اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪور ڪ??يٽي اڳوڻي صدر جنرل (ر) پرويز مشرف جي خلاف عدالتي فيصلي، مريم نواز کي پرڏيهي م??ڪ وڃڻ لاءِ اي سي ايل مان نالو ڪڍڻ جي معاملي تي جائزو وٺندي ان عزم جو اظهار ڪ??و ته حڪومت ۽ پي ٽي آءِ قانون جي بالادستي ۽ قانون جي هڪجهڙ?? لاڳو سان گڏ بيٺل آهي، پاڪستان جا ادارا رياست جا ٿنڀ آهن، رياست جو مفاد هر حال ۾ اهم ۽ مٿانهون آهي، اسان کي پنهنجي ادارن کي سگهه ڏيڻي ۽ بااختيار بڻائڻو آهي، آرمي چيف جي توسيع جي معاملي تي پارلياماني ڪميٽي ۽ قانوني ڪميٽي جي مشاورت کانپوءِ حتمي فيصلو ڪيو ويندو ته حڪومت ان معاملي تي اپيل ۾ وڃي ٿي يا پارليامينٽ مان منظوري ورتي وڃي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪور ڪ??يٽي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ڪيو.