اسلام آباد – 05 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته غريب ۽ گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي رليف ڏيڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، قيمتن تي موثر ڪنٽرول جي لاءِ سمورن انتظ??مي قدمن کي يقيني بڻايو وڃي، پرائس ڪنٽرول جي حوالي سان هر هفتي اجلاس جي صدارت پاڻ ڪندس، ملڪي ضرورتن جي ڏس ۾ ضرورت جي شين جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ مستقبل جي منصوبابندي جي حوالي سان هڪ ٺوس نظام جوڙيو وڃي. اهڙن خيا??ن جو اظهار هن ضرورت جي شين جي قيمتن تي ڪنٽرول جي حوالي سان صوبا??ي حڪومتن پاران کنيل قدمن تي اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.