اسلام آباد – 19 – ڊسمبر (اي پي پي) گذر??ل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب سنڌ کانپوءِ پنجاب ۾ 87 فوتگيون ٿيون، جنهن مان 45 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مر??ضن جون ٿيون. گذر??ل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا 3179 نوان مثبت ڪيس سامهون آيا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذر??ل 24 ڪلاڪن دوران 74 ماڻهو اسپتالن ۾ جڏهن ته 13 ماڻهو گهرن ۾ قرنطينه دوران فوت ٿيا. ملڪ جي 4 وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مر??ضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 46 سيڪڙو، اسلام آباد ۾ 41 سيڪڙو، لاهور ۾ 34 سيڪڙو ۽ پشاور ۾ 21 سيڪڙو مر??ض آهن، اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولتن وارن بسترن تي راولپنڊي ۾ 40 سيڪڙو، اسلام آباد ۾ 42 سيڪڙو، پشاور ۾ 59 سيڪڙو ۽ ايبٽ آباد ۾ 39 سيڪڙو مر??ض آهن، گذر??ل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ – 19 جا 48 هزار 75 ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن مان سنڌ ۾ 20 هزار 681، پنجاب ۾ 15 هزار 133، خيب??پخ??ونخوا ۾ 5 هزار 213، اسلام آباد ۾ 5 هزار 749، بلوچستان ۾ 337، گلگت بلتستان ۾ 373، آزاد ڪشمير ۾ 579 ٽيسٽ شامل آهن، هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 4 لک 4 هزار 501 ٿي چڪو آهي. بلوچستان ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪووڊ – 19 جو ڪو به مر??ض هن وقت وينٽيليٽرز تي نه آهي جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص وينٽيليٽرز تي 279 مر??ض آهن، سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي ايڪٽو ڪيسز ??و تعداد 40 هزار 922 آهي، سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس س??ب متاثر ماڻهن جو تعداد 4 لک 54 هزار 673 آهي.