اسلام آباد – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته چونڊن جي لاءِ قانوني سڌار?? جو مقصد پوري عمل کي شفاف بڻائڻ آهي، سمورين سياسي پارٽين سان ان سلسلي ۾ ڳالهين جي لاءِ دروازا هر وقت کليل آهن، پيٽروليم مصنوعات جي کوٽ ب??بت انڪوائري ڪميشن جي سفارشن تي عملدرآمد جي حوالي سان قائم ڪميٽي جي رپورٽ ملڻ تي ذميوارن جي خلاف سخت ايڪشن کنيو ويندو، احساس پروگرام حڪومت جي سڀ کان وڏي ڪاميابي آهي، جنهن جي تائيد عالمي ادارا به ڪن ٿا، ملڪ مان غربت جو خاتمو اسا?? جو مشن آهي، وزيراعظم صوبائي حڪومتن ۽ اسلام آباد انتظاميا کي هدايت ڪئي ته ڪورونا وبا جي ڏس ۾ غريب ٺيلهو هڻندڙن جي لاءِ ٺيلها بازار قائم ڪرڻ جو جائزو ورتو وڃي ته جيئن انهن غريب ماڻه?? جو روزگار متا??ر نه ٿئي. اهڙن خيال?? جو اظهار هن وفاقي ڪابينا جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.