اسلام آباد – 07 مئي (اي پي پي) اطلاع??ت ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته خواجه آصف جو بيان ڀريل پيٽ فارسي ڳالهائڻ جي برابر آهي، خواجه صا??ب کي غريبن جو احساس نه آهي نه ته اهو بيان نه ڏي ها، پوري قوم معيشت جي خرابي جو ذميوار ماضي جي ڪرپٽ حڪمرانن کي سمجهي ٿي، معيشت ٺيڪ ڪرڻ جي لاءِ خواجه صا??ب پنهنجي قيادت کي راضي ڪري ته اها ٻاهرئين ملڪ رکيل پنهنجو سرمايو پاڪستان واپس آڻين. اطلاع??ت ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز پنهنجي بيان ۾ چيو ته وزيراعظم عمران خان قوم ۽ ملڪ جي ??فا?? ۾ فيصلا ڪري رهيو آهي، هو پهرين ڏينهن کان هڪڙي ڳالهه چئي رهيو آهي ته قوم کي ڪورونا کان به محفوظ رکڻو آهي ۽ انهن کي بک کان به بچائڻو آهي.