لاهور – 04 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آ??ي ته عالمي ڪرو??ا وبا وڏو چئلينج آهي جڏهن قوم ان چئلينج مان نڪرندي ته هڪ مختلف قوم هوندي، ڪنهن کي به خوش فهمي ۾ نه رهڻ گهرجي ته ڪرونا ڪنهن کي ڪجهه نه ڪندو، ايندڙ وقت جي اسان کي تياري ڪرڻ گهرجي، مشڪل وقت ۾ انسان جي ايمان جو پتو پوي ٿو، هن مشڪل وقت ۾ حڪومت تاريخ جو سڀ کان وڏو رليف پئڪيج ڏنو آ??ي، ڪنهن کي تجربو نه آهي ته ان وبا کي ڪهڙي طرح ڊيل ڪرڻو آ??ي، قوم احتياطي تدبيرون اختيار ڪري وبا تي ضابطو آڻي سگهي ٿي، ڪرونا ٽائيگر فورس ۾ 6 لک ماڻهو رجسٽرڊ ٿي چڪا آهن، پنجاب ۾ ڪرونا جي خلاف منظم طريقي سان ڪم ٿي رهيو آ??ي، ??رن??ي وارن جي تعاون تي انهن جا ٿورائتا آهيون. هو گورنر هائوس ۾ ڪرونا رليف فنڊ ۽ راشن ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.