اسلام آباد – 29 جنوري (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطن بابت ڪميٽي ناڻي واري وزارت جي تجويز تي اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان کي هائوس بلڊنگ فنانس ڪمپني لميٽيد (ايڇ بي ايف سي ايل) ۾ پ??هن??ا ??يئ??ز وڪرو ڪرڻ جي اجازت ۽ پاڪستان اسٽيل ملز ڏانهن سوئي سدرن گئس ڪمپني جي رهتن، گئس بلن جي ادائيگي جي مد ۾ 35 ڪروڙ رپيا جاري ڪرڻ جي منظو??ي ڏئي ڇڏي آهي. اقتصادي رابطن واري ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ٿيو.