اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ??هي ته انشاءَ الله ڪشمير بڻجندو پاڪستان جو نعرو حقيقت جو روپ اختيار ڪندو، وزيراعظم عمران خان ڪشميرين جي ترجمان، سفير ۽ وڪيل جو ڪردار اد?? ڪري رهيو آهي، ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آهي، ڪشمير کانسواءِ پاڪستان جو وجود اڻ مڪمل آهي. اها ڳالهه هن والاريل ڪ??مير تي ڀارت جي غاصباڻي قبضي خلاف ڪاري ڏينهن جي موقعي تي نيشنل پ??يس ڪ??ب ٻاهران علامتي بک هڙتالي ڪئمپ کي خطاب ڪندي چئي.