اسلام آباد-25 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبل?? جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته اخبارن س??يت ڄاڻ جا ذريعا معلومات جي فراهمي ۽ ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، هي اهي ذريعا آهن جيڪي شهرين کي مستند ۽ اعتماد جوڳي معلومات پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. اربع ڏينهن اخبار پڙهڻ جي قومي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي، ??حا??ي ۽ ميڊيا پروفيشنلز کي مبارڪون ڏيندي چيو ته درست ۽ حقيقتن تي ٻڌل خب??ون معاشري ۾ سچائي، امن، استحڪام ۽ ترقي کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. پارليامينٽ هميشه آزاد ۽ ذميواراڻي ??حا??ت کي هٿي ڏيڻ لاءِ قانونسازي ڪئي آهي. اخبا??ون ڊجيٽل ميڊيا جي دور ۾ جعلي خبرن جي روڪٿام ۽ حقيقتن تي ٻڌل معلومات جي فراهمي جو هڪ اهم ذريعو آهن. هن چيو ته اخبارون س??اسي شعور اجاگر ڪرڻ ۽ شهرين کي سندن بنيادي حقن کان آگاهه ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. اخباري صنعت جي ترقي ۽ هٿي وٺرائڻ لاءِ آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي جو ڪردار واکاڻ جوڳو آهي. ملڪ جي تعمير ۽ ترقي لاءِ ضروري آهي ته اسان سڀ پنهنجي ذميوارين کي آئي?? ۽ ??انون موجب بهترين انداز ۾ ادا ڪريون.