اسلام آباد – 13 جون (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصو??ي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته گذريل 10 سالن دوران ٿيندڙ ڪرپشن جي انڪوائري لاءِ انڪوائري ڪميشن جا ٽي او آرز ٺاهيا پيا وڃن، ايندڙ هفتي وزيراع??م عمران خان انڪوائري ڪميشن جي سربراهه جي مقرري ڪندو، اهڙي شخص کي سربراهه بڻايو ويندو، جنهن جو حال ۽ ماضي ٻئي بي داغ هجن. هو پي آءِ ??ي ۾ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ واري وفاقي وزير پير م??بوب الرحمان سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهي هئي.