اسلام آباد – 24 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ضابطي ڪار (ٽي او آرز) جوڙڻ جي لاءِ 12 رڪ??ي پارلياماني ڪميٽي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ مخالف ڌر ۽ حڪومت پاران 6، 6 ميمبر شامل آهن. قومي اسيمبلي سيڪريتريٽ پاران جاري نوٽيفڪيشن موجب ڪميٽي ۾ حڪومت پاران وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار، خواجه سعد رفيق، خواجه محمد آصف، اڪرم ??ان دراني، مملڪتي وزير انوشه رحمان ايڊووڪيٽ، سينيٽر حاصل بزنجو جڏهن ته مخالف ڌر پاران سينيٽر چوڌري اعت??از احسن، سينيٽر محمد علي سيف، سينيٽر الياس احمد بلور،مخدوم شاهه محمود ??ريشي، صاحبزاده طارق الله ۽ چوڌري طارق بشير چيما جا نالا شامل آهن.