اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سن??راڻي چيو آهي ته ڪشميري عوام جي آزادي جي جدوجهد جلد ڪاميابي سان همڪنار ٿيندي، 75 سال اڳ ڪشميري عوام آزادي جي جدوجهد ذريعي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير رياست جو سنگ بنياد رکيو. 75 هين ڪشمير تاسيس ڏهاڙي جي موقعي تي ڪشميري عوام سان يڪجهتي جو ا??ها?? ڪندي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته پاڪستاني حڪومت ۽ عوام پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي، عالمي ب??ادري والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي پاران انساني حقن جي پائمالي جو نوٽيس وٺي. 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق تي راتاهو هنيو ۽ ڀارت ڪڌي حربن سان گهڻي دير پنهنجو غيرقانوني قبضو قائم نه ٿو رکي سگهي. ڀارت جي فاشسٽ حڪومت جا ڪڌا حربا ڪشميري عوام جو عزم ۽ حوصلا ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن. سينيٽ چيئرمين محمد صادق سن??راڻي چيو ته اسان پنهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن جي جائز خودمختياري جي مقصد جي جدوجهد ۾ ا??هن سان گڏ بيٺل آهيون.