آستانه – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهب??ز شريف قازقستان جي ??در قاسم زورمات توڪائيف پاران سيڪا ۾ شريڪ ملڪي سربراهن جي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت جي لاءِ پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا پاران جاري بيان موجب آجياڻي ۾ ازبڪستان جو ص??ر شوڪت مرزايوف پڻ وزيراعظم ۽ قزاقستان جي ??در سان گڏ آجياڻي ۾ شريڪ ٿيا. آجياڻي کان اڳ وزيراعظم شهب??ز شريف قازقستان پاران ثقافتي پروگرام ۾ شريڪ ٿيو جنهن ۾ سيڪا 2022ع ۾ شريڪ وفدن جو شاندار استقبال ڪيو ويو. وزيراعظم شهب??ز شريف جي تازو ئي ٻنهي اڳواڻن سان ثمرقند ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس جي موقعي تي پڻ تفصيلي ملاقات ??ي هئي.