نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خميس ڏينهن گڏي?? قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس ۽ مائيڪرو سافٽ جي باني بل گيٽس سميت ڪيترن ئي عالمي اڳواڻن سان ملاقات ڪندو. وزيراعظم پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ گڏي?? قومن جي سيڪريٽريٽ ۾ لڳايل تصويري ن??ائ?? جو به دورو ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊ??ا ونگ پاران جاري بيان موجب گڏي?? قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي اعليٰ سطحي مباحثي جي ٽئين ڏينهن وزيراعظم محمد شهباز شريف نيويارڪ ۾ سرگرمين سان ڀرپور هڪ ٻيو ڏينهن گذاريندو. گڏي?? قومن جي هيڊڪوارٽرز روانگي کان اڳ وزيراعظم محمد شهباز شريف سان بل گيٽس ملاقات ڪندو. گڏي?? قومن جي هيڊڪوارٽرز پهچڻ تي وزيراعظم، گڏي?? قومن جي جنرل سيڪريٽري انتونيو گوتريس سان ملاقات ۾ ٻطرفن معام??ن تي ڳالهه ٻولهه ڪندا. بعد ۾ وزيراعظم گڏي?? قومن جي سيڪريٽريٽ جي لابي ۾ پاڪستان مشن پاران پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ جي تباهي کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ لڳايل تصويري ن??ائ?? جو دورو ڪندو. ٽنپهرن جو وزيراعظم ايڊٿ ليڊرز ڪو ايسوسيئيٽيڊ پريس جي اي پي ٽي وي (ايسوسيئيٽيڊ پريس اي پي ٽي وي) جي لاءِ انٽرويو ڏيندو. بعد ۾ وزيراعظم پنهنجي جاپاني هم منصب فوميو ڪيشيدا، بيلجيئم جي وزيراعظم اليگزينڊر ڊي ڪرو ۽ ملائيشيا جي وزيراعظم اسماعيل صابري يعقوب سان جدا جدا ملاقاتن ۾ گڏيل دلچسپي جي معام??ن تي ڳالهه ٻولهه ڪندو.