نيويارڪ – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ نيويارڪ پهچي ويو آهي. وزيراع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بي??ن موجب نيويارڪ جي جان ايف ڪينيڊي انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم، واشنگٽن ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خان، نيويارڪ ۾ پاڪستاني قونصل جنرل عائشه علي ۽ ٻين اعليٰ عملدارن وزيراعظم جي آجيان ڪئي. هو ملڪه برطانيا ايلزبيٿ ٻه جي آخري رسمن شرڪت کانپوءِ برطانيا کان نيويارڪ پهتو. نيويارڪ مان اي پي پي جي نمائندي موجب وزيراعظم شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري انتونيو گوتريس پاران ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت ڪندو. هو فرانس ۽ اسپين جي صدرن ۽ آسٽريليا جي چانسلرن س??ن ملاقاتون ڪندو. وزيراعظم شهباز شريف جي يورپي يونين ڪائونسل جي صدر چارلس مائيڪل س??ن ملاقات ۽ عالمي فضائي تحفظ جي حوالي سان سينيگال جي صدر ۽ آفريقي يونين جي ميزباني ۾ ٿيندڙ سر??راهي اجلاس ۾ شرڪت به ا??جن??ا ۾ شامل آهي. وزيراعظم شهباز شريف اربع ڏينهن آءِ ايم ايف جي مئن??جن?? ڊائريڪٽر ڪرسٽا لينا جارجيوا ۽ عالمي بئنڪ جي صدر ڊيوڊ ملپاس س??ن ملاقات ڪندو. وزيراعظم ترڪ صدر رجب طيب اردوان ۽ ايران جي صدر ابراهيم رئيسي سان پڻ ملاقات ڪندو. هو گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر سابا ڪوروسي سان به ??لاقات ڪندو ۽ آمريڪي صدر جو بائيڊن پاران ڏنل آجياڻي ۾ به شرڪت ڪندو. وزيراعظم فن لينڊ جي صدر رسائو لي ني نيستو س??ن ملاقات ڪندو ۽ ترڪ صدر ۽ ان جي گهرواريءَ جي مان ۾ آجياڻو ڏيندو. مائيڪرو سافٽ جي باني بل گيٽس، گڏيل قومن جي سر??راهه، چين جي صدر ۽ جاپان جي وزيراعظم س??ن ملاقاتون به ??زيراعظم جي ا??جن??ا ۾ شامل آهن. وزيراعظم شهباز شريف لڪسمبرگ جي وزيراعظم زاويئر بيٽل ۽ ملائيشيا جي وزيراعظم اسماعيل صابري يعقوب سان به ??لاقات ڪندو. وزيراعظم عالمي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه به ڪندو. وزيراعظم شهباز شريف 23 سيپٽمبر تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندو.