سکر -10 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري ??نر?? انتونيو گوتريش چيو آهي، ته پاڪستان ۾ هاڻوڪين برساتن سبب بنا شڪ جي قيمتي انساني جانين، ملڪيتن، چوپائي مال ۽ روزگار جي ذريعن کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي، پر اميدون زنده آهن ۽ اميدن کي ڪو به نقصان نه ٿيو آهي، اميدن کي زنده رکڻ لاءِ پاڪستان کي هن وقت عالمي امداد ۽ مدد جي تمام گهڻي ضرورت آهي، ماحولياتي تبديلي جي تباه ڪن اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان کي پائيدار ۽ مضبوط بنيادي ڍانچي جي ضرورت آهي، انهي لاءِ عالمي برادري ۽ مالياتي ادارن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻوڏ متاثر علائقن جي دوري جي موقعي تي سکر پهچڻ تي بريفنگ وٺڻ کان پوءِ پنهنجي مختصر خطاب ۾ سيڪريٽري ??نر?? انتونيو گوتريش چيو ته هن ٻوڏ سبب ٿي?? نقصان جو پاڻ جائزو ورتو آهي، هاڻوڪي برسات سبب بنا شڪ جي انساني جانين، ملڪيتن، چوپائي مال ۽ روزگار جي ذريعن کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي، پر اميدون زنده آهن، اميدن کي ڪو به نقصان نه پهتو آهي. سيڪريٽري ??نر?? چيو ته اميدن کي زنده رکڻ لاءِ پاڪستان کي هن وقت عالمي امداد ۽ مدد جي تمام گهڻي ضرورت آهي. هن چيو ته جيستائين انسانيت، فطرت تي حملو ڪيو ته فطرت ٻوڏ ۽ غيرمعمولي موسمياتي تباهي جي صورت ۾ جوابي حملو ڪندو آهي، موسمياتي تبديلين ۽ ان سان ٿي?? نقصانن کان بچڻ لاءِ اسان کي ماحول کي نقصان پهچائيندڙ گئسن جي نيڪال ۾ فوري طور 50 سيڪڙو گهٽتائي ڪرڻي پوندي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري ??نر?? چيو ته ماحولياتي تبديلي جي تباهه ڪن اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان کي پائيدار ۽ مضبوط بنيادي ڍانچي جي ضرورت آهي، انهي لاءِ عالمي برادري ۽ مالياتي ادارن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته عالمي برادري ۽ ادارن کي قدرتي آفتن ۽ ان سبب ٿيل تباهي ۽ نقصان جي ازالي لاءِ پاڪستان جي دل کولي مدد ۽ معاونت جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان ماحولياتي تبديلين سبب متاثر ٿيندڙ 50 سرفهرست ملڪن ۾ شامل آهي، حالانڪه ماحول کي نقصان پهچائيندڙ گئسن جي نقصان ۾ پاڪستان جو حصو تمام گهٽ آهي، انهي جي روشني ۾ انصاف جي تقاضا آهي، ته ان کي وڌ کان وڌ امداد ۽ مدد ڏني وڃي، ته جيئن هو ماحولياتي تبديلين سبب ٿي?? نقصان لاءِ پائيدار بنيادي ڍانچو قائم ڪري سگهي. سيڪريٽري ??نر?? چيو ته گڏيل قومون ۽ ان جا ادارا پاڪستان ۾ ٻوڏ کان پوءِ پنهنجو ڪم ڪري رهيون آهن، اسان جا وسيلا مح??ود آهن، اسان پاڪستان جي عوام سان گڏ آهيون، اسان جيڪي ڪجهه ڪري سگهون ٿا اهو ڪنداسين. سيڪريٽري ??نر?? چيو ته ماحولياتي تبديلين جي باري ۾ آگاهي پکيڙڻ ۾ عالمي ادارو پنهنجو ڪردار ادا ڪندو، اسان عالمي برادري ۽ عالمي مالياتي ادارن کي درخواست ڪيون ٿا، ته هو پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب متاثر آبادي جي لاءِ اڳتي اچن. ان کان اڳ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، وزيراعظم ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري ??نر?? کي هاڻوڪين برساتن ۽ ٻوڏ سبب سنڌ جي ٻهراڙي ??وڙي ??هري علائقن ۾ ٿي?? نقصانن جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني. وزيراعليٰ سنڌ ٻڌايو ته هاڻوڪين برساتن ۽ ٻوڏ کان پوءِ امدادي ڪارروائيون جاري آهن، پر جيڪي چئلينج اسان کي موجود آهن، اهي تمام وڏا اهن. هن وقت ڪيترن ئي علائقن ۾ 6-6 فوٽ پاڻي بيٺل آهي، امداد ۽ بحالي لاءِ اسان کي کربين رپيا گهربل آهن جڏهن ته اسان جا وسيلا مح??ود آهن. هن بڌايو ته ٻوڏ سبب متاثر ماڻهن لاءِ اسان کي وڌيڪ خيمن، مڇر مار اسپري ۽ ٻين امدادي شين جي ضرورت آهي.