نئين دهلي – 04 – آگسٽ (اي پي پي) ڀارت ج?? غ??رق??نوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي غ??رق??نوني طور تي نظربند سينيئر اڳواڻ نعيم احمد خان 5 آگسٽ کي ڄمون ۽ ڪشمير جي تازي تاريخ جو ڪارو ڏي??هن قرار ڏي??دي چيو آهي ته هي ڏي??هن ڀارت ج?? زوال جي شروعات آهي، جيڪو ڄمون ۽ ڪشمير ۾ آزادي جو تناسب تبديل ڪرڻ چاهي ٿو. ڪشمير ميديا سروس موجب نعيم احمد خان نئين دهلي جي بدنام زمانه تهاڙ جيل مان پ??هنجي هڪ پيغام ۾ ڀارت ج?? توسيع پسنداڻي ڏوهن تي روشني وجهندي چيو آهي ته ڪشميرين کان انهن جي سڃاڻپ کسڻ جو ڀارتي قدم مسلمان اڪثريتي رياست کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي انهن جي گهري سازش جو حصو آهي. هن 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارتي قدمن کي انتهائي سنگين قرار ڏي??دي چيو آهي ته شق 370 ۽ 35 اي کي منسوخ ڪرڻ نه رڳو ڀارتي آئين جي خلاف ورزي آهي پر گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ٻين عالمي معاهدن جي روح جي به خلاف آهي. هن چيو ته هي هڪطرفو قدم عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي سراسر خلاف ورزي آهي. هن چيو ته سنگين سياسي اثر رکندڙ اهو خطرناڪ قدم ڄمون ۽ ڪشمير ۾ آبادي جي تناسب کي تبديل ڪرڻ ۽ ڪشميرين کي انهن جي وسيلن، ملازمتن، سڃاڻپ، ثقافت، زمين ۽ سڀ کان وڌيڪ خودمختياري جي حق کا?? محروم ڪرڻ جو سوچيل سمجهيل منصوبو آهي. نعيم احمد خان چيو ته ڪشميرين ڪڏهن به غ??رق??نوني ڀارتي قبضي کي قبول نه ڪيو ۽ انهن 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارتي قدمن کي به رد ڪري ڇڏيو. هن چيو ته ڀارت 1947ع کان ڄمون ۽ ڪشمير تي پنهنجي غ??رق??نوني ڪنٽرول کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا، ظالماڻا قانون لاڳو ڪيا پر حقيقت اها آهي ته اهي سڀئي قدم ڪشميرين کي محڪوم بڻائڻ ۽ سياسي ۽ جمهوري حقن جي لاءِ وڙهڻ جي انهن جي خواهش کي دٻائڻ ۾ ناڪام رهيا آهن.