اسلام آباد – 05 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سوات جي علائقي پتنئي ۾ باهه وسائڻ جي لاءِ 2 هيليڪاپٽر ف??اه?? ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نيشنل ڊيزاسٽر مئ??يجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي درخواست تي وزيراعظم محمد شهباز شريف فوري ڪارروائي جو حڪم ڏنو آهي. ضلعي انتظاميا، ٻيلو کاتو ۽ ريسڪيو 1122 گڏجي بابوزئي تعلقي جي پتنئي، مينگوره ۾ باهه وسائي رهيا آهن، خشڪ موسم ۽ تيز هوا جي ڪري باهه کي وڌيڪ پکڙجڻ کان بچائڻ جي لا??ِ هيليڪاپٽر گهريا ويا هئا. وزيراعظم خيبرپختونخواهه جي ضلعي انتظا??يا ۽ معاون ادارن جي درخواست فوري منظور ڪندي باهه وسائڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن. وزيراعظم هدايت ڪئي آهي ته باهه وسائڻ جي لاءِ فضائي امداد فوري ف??اه?? ڪئي وڃي.