اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته قومي سلامتي جي ادارن تي ڪو به حملو ۽ انهن کي ڪمزور ڪرڻ جي سازش ملڪ جي مفاد جي خ??اف هوندي. قومي اسيمبلي ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي خطاب کانپوءِ اسپيڪر راجا پرويز اشرف رولنگ ڏيندي چيو ته پاڪستان جي سلامتي جي ادارن تي ڪو به حملو ۽ انهن کي ڪمزور ڪرڻ جي سازش ملڪي مفاد جي خ??اف هوندي. هن چيو ته جيڪو به ائين ڪري ٿو ته اهو ملڪي مفاد ۾ نه آهي. هن چيو ته ملڪ جو آئين به ان ڳالهه جي اجازت نه ٿو ڏي ??ه فوج ۽ عدليه تي اه??ي قسم جا حملا ڪيا وڃن.