اسلام آباد – 25 – اپريل (اي پي پي) صد?? ڊاڪ??ر عارف علوي ??يف بي آر کي غير رجسٽرڊ کنڊ جي ڊيلرز کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن ??يف بي آر کي 60 ڏينهن ۾ جامع عملدرآمد رپورٽ وفاقي محتسب ۾ جمع ڪرائڻ جي به هدايت ڪئي آهي. ايوان صد?? جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صد?? ڊاڪ??ر عارف علوي چيو ته ٽيڪس وصولي وڌائڻ لاءِ کنڊ جي وڏن خريدارن ۽ غير رجسٽرڊ ڊيلرز کي ٽيڪس نيٽ ۾ آندو وڃي، ??يف بي آر وٽ ڊيٽا جي دستيابي جي باوجود وڏي مقدار ۾ کنڊ جا خريدار ٽيڪس نيٽ کان ٻاهر آهن، صد?? چيو ته کنڊ جي غير رجسٽرڊ خريدار ٽيڪس ادائيگي جي قومي ذميداري ادا نه ڪري رهيا آهن، صد?? ??يف بي آر جي وفاقي ٽيڪس محتسب جي هدايتن جي خلاف درخواست رد ڪري ڇڏي. وفاقي ٽيڪس محتسب پرائيويٽ شوگر ملز کان کنڊ جي غير رجسٽرڊ خريدارن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ لاءِ تحقيقات جو آغاز ڪيو هو، گذريل چئن سالن دوران ملز مختلف غير رجسٽرڊ خريدارن کي 2.7 ارب روپين جي کنڊ فراهم ڪئي، صرف ٽن خريدارن وٽ قومي ٽيڪس نمبر هو، ??يف بي آر ٽيڪس جو دائرو وڌائڻ تي ڌيان نه ڏنو، شوگر ملن وٽ کنڊ جي سپلائي ۽ خريدارن جو رڪارڊ هوندو آهي، ??يف بي آر شوگر ملن جي ڊيٽا جو تجزيو ڪرڻ ۽ ماڻهن کي ٽيڪس نيٽ ۾ شامل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، محتسب چيف ڪمشنر، ايل ٽي او ڪراچي کي هدايت ڪئي ته هو غير رجسٽرڊ ماڻهن کي ٽيڪس نيٽ ۾ شامل ڪري، ??يف بي آر وفاقي ٽيڪس محتسب جي حڪم جي خلاف صد?? وٽ درخواست داخل ڪئي هئي. صد?? چيو ته ??يف بي آر جي فيلڊ فارميشنز غير رجسٽرڊ خريدارن جي معلومات گڏ ڪرڻ ۾ چوڪس نه آهي، ??يف بي آر ملز جي ماهوار سيلز ٽيڪس گوشوارن تي مطمئن آهي، ڊيٽا جي جا?? نه پئي ڪئي وڃي، ??يف بي آر جي فيلڊ فارميشنز شوگر ملز جي ڊيٽا جو وقت سر تجزيو ڪري خريدارن جا تفصيل حاصل ڪري سگهجي ٿي. صد?? چيو ته ??يف بي آر جي پنهنجي فرضن جي ادائيگي ۾ سنگين غفلت ۽ نااهلي بدانتظامي جي برابر آهي، ٽيڪس ادائيگي وڌائڻ لاءِ محتسب جي سفارشن کي کنڊ جي شعبي تي لاڳو ڪيو وڃي، صد?? هدايت ڪئي ته ??يف بي آر 60 ڏينهن ۾ وفاقي ٽيڪس محتسب کي عملدرامد جي جامع رپورٽ پيش ڪري.