اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عالمي ??طح تي وڌندڙ قيمتن جي اثرن کي عام ماڻهو تائين پهچڻ کان روڪڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، حڪومت ڪورونا وبا دوران پيدا ٿيندڙ مهانگائي جي عالمي ??حران ۾ عوامي ??يليف کي يقيني بڻايو. هن اهڙن خيالن جو اظهار ملڪي اقتصادي صورتحال ۽ عالمي ??طح تي ضرورت جي شين جي وڌندڙ قيمتن بابت اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظم جي تازي روس جي دوري ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن تي اڳڀرائي تي تفصيلي غور فڪ?? ڪيو ويو، اجلاس م وفاقي وزيرن شوڪت فياض ترين، چوڌري فواد حسين، اس?? عمر، مخدوم خسرو بختيار، حماد اظهر ۽ خاص معاون ثانيه نشتر شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته اسرندڙ ملڪ عالمي ??طح تي وڌندڙ قيمتن سا?? سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي رهيا آهن. حڪومت ڪورونا جي دوران پيدا ٿيندڙ مهانگائي جي عالمي ??حران ۾ عوامي ??يليف کي اولين ترجيح ڏني. وزيراعظم چيو ته عالمي ??طح تي وڌندڙ قيمتن جي اثرن کي عام ماڻهو تائين پهچڻ کان روڪڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. اجلاس کي ملڪي مجموعي اقتصادي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته تازي ڇڪتاڻ جي صورتحال جي ڪري عالمي ??طح تي تيل جون قي??تو?? 100 ڊالر في بيرل کان وڌي ويون آهن جڏهن ته گئس جي قيمتن ۾ پڻ ٽي کان پنجوڻ تي اضافو ٿيو آهي. ان سا?? گڏوگڏ کاڌي پيتي جي شين خاص طور تي پام آئل (کاڄرو تيل) جي قيمتن ۾ پڻ اضافو ٿيو آهي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي احساس پروگرام جي مختلف اسڪيمن ۽ عوامي ??يليف جي لاءِ انهن ۾ وڌيڪ بهتري جي لاءِ قدمن کان پڻ آگاهه ڪيو ويو.