??يد??آباد – 04 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ ۽ پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پشاور بم ڌماڪو ڳڻي ۽ مذمت جوڳو آهي، اسان شهيدن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون، پاڪستان کي غيرمستحڪم ڪرڻ جي هر سازش ناڪام بڻائي وي??دي?? جيڪي به ده??تگ??دن جي مدد ڪري رهيا آهن انهن کي شڪست کي منهن ڏيڻو پوندو، پوري قوم متحد آهي، ڪجهه عنصر ملڪ کي ترقي ڪ??دي?? معاشي استحڪام ۽ پرامن نه ٿا ڏسڻ چاهين، اهي غيريقيني واري صورتحال پيدا ڪرڻ چاهين ٿا، سنڌ جي عوام تصوير جو ٻيو رخ به ڏسي ورتو آهي، پيپلزپارٽي جي فلم 5 ڀيرا لڳي چڪ?? آهي هاڻي عوام انهن کي نه ڏس??دي?? سنڌ مان ننڍي ۽ وڏي زرداري کي الوداع چوڻ جو وقت اچي ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ حقوق مارچ جي ٽنڊو محمد خان پهچڻ تي مين روڊ تي هڪ وڏي استقبالي ميڙ کي خطاب ڪندي ڪيو جنهن کي وفاقي وزير علي زيدي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. هن چيو ته پشاور ۾ بم ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريان ٿو، اهو ده??تگ??دي جو افسوسناڪ ۽ مذمت جوڳو واقعو آهي جنهن ۾ ٻاهريان هٿ ملوث آهن، اسان شهيدن ۽ زخمين جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون، قوم پاڪستان کي غيرمستحڪم ڪرڻ جي هر سازش کي ناڪام بڻائي ڇڏي??دي?? اسان فوج، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سميت پوري قوم جي عزم، قرباني ۽ جذبي کي سلام پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته جيڪي به ده??تگ??دن جي مدد ڪري رهيا آهن انهن کي شڪست کي منهن ڏيڻو پوندو. پوري قوم متحد آهي. ڪجهه عنصر ملڪ کي ترقي ڪ??دي?? معاشي استحڪام ۽ پرامن نه ٿا ڏسڻ چاهين، اهي نه ٿا چاهين ته پاڪستان ۾ امن امان هجي هتي سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿئي، انهن کي خبر آهي ته پاڪستان جي خراب حالت هئي جيڪا هاڻي معاشي ترقي طرف وڌي ره?? آهي، ان لاءِ اهي غيريقيني واري صورتحال پيدا ڪرڻ چاهين ٿا. هن چيو ته ڪجهه ماڻهو عوام ۾ وڃي انهن کي ورغلائي رهيا آهن ۽ ملڪ ۾ غيريقيني جي مهم هلائي رهيا آهن، اهي مايوس عنصر قوم کي به پاڪستان جي مستقبل کان مايوس ڪرڻ چاهين ٿا، اهي عوام جي مسئلن جو حل نه رڳو اقتدار ۽ احتساب کان بچڻ چاهين ٿا. هن چيو ته انهن جو مارچ سنڌ ۾ پذيرائي حاصل نه ڪري سگهيو ته جلدي سنڌ مان نڪري ويا پر ڪالهه ملتان ۾ به عوام انهن جي استقبال لاءِ نه آئي. هن چيو ته اسان 26 فيبروري کان گهوٽڪي کان سنڌ حقوق مارچ کڻي نڪتا آهيون هر جڳهه تي عوام تبديلي ڏسي ورت?? آهي گذريل رات بدين ۾ ۽ هاڻي ٽنڊو محمد خان ۾ عوام جي ميڙ کي مخاطب آهيان. هن چيو ته سنڌ جي عوام تصوير جو ٻيو رخ به ڏسي ورتو آهي، اڳ ۾ 15 سالن کان هڪ ئي تصوير ڏسي رهيا هئا هاڻي اها فلم نه هل??دي?? پيپلزپارٽي جي فلم کان ماڻهو بيزار ٿي ويا آهن، 5 ڀيرا انهن جي فلم لڳ?? آهي پر ناڪام ٿي وئ?? آهي. هن چيو ته سنڌ جي عوام 15 سالن کان هڪ ئي ڪهاڻي ٻڌي ره?? آهي، انهن وٽ ڪو نئون منشور، پروگرام ۽ حڪمت عملي نه آهي. سنڌ حڪومت هر طرح سان ناڪام ٿي وئ?? آهي، هاڻي سنڌ مان ننڍي ۽ وڏي زرداري کي الوداع چوڻ جو وقت اچي ويو آهي. هن چيو ته آواز گهٽ هج?? آهستي ڳالهايو وڃي پر صحيح ڳالهايو وڃي ته ان ۾ وڏو وزن هوندو آهي، هاڻي رڙيون ڪري عوام کي بيوقوف بڻائڻ جو وقت ختم ٿي ويو آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ نئين ۽ باوقار قيادت اڳتي اچي ره?? آهي، آئون سنڌين جا تيور ڏسي رهيو آهيان، اهي پنهنجي تقدير بدلائڻ چاهين ٿا ته تحريڪ انصاف جو ساٿ ڏين، 2023ع جي چونڊن ۾ عوام تير کي ٽوڙي سنڌ کي جوڙي ڇڏيندي. هن چيو ته آئون توهان کان ووٽ وٺڻ نه زردارين کي الوداع چوڻ آيو آهيان.