اسلام آباد – 10 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پارٽي اڳواڻن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي سڄي ملڪ ۾ پارٽي جي تنظيمي ڍانچي کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ موثر قدم کڻن ۽ بلدياتي چونڊن ۾ ڪاميابي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪارڪنن کي متحرڪ ڪن. وزيراعظم عمران خان سان منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي جنرل سيڪريٽري اسد عمر ملاقات ڪئي جنهن ۾ سڄي ملڪ ۾ پارٽي جي تنظيمي ڍانچي کي مضبوط ۽ فعال بڻائڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ پي ??ي آءِ خيبرپختونخواهه ج?? صدر ۽ دفاع وارو وزير پرويز خٽڪ، پي ??ي آءِ پنجاب ج?? صدر ۽ تعليم وارو وفاقي وزير شفقت محمود، پي ??ي آءِ ڏکڻ پنجاب ج?? صدر ۽ صنعت ۽ پيداوار وارو وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، پي ??ي آءِ سنڌ ج?? صدر ۽ سامونڊي معاملن وارو وفاقي وزير سيد علي حيدر زيدي، پي ??ي آءِ بلوچستان ج?? صدر ۽ قومي اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري ۽ پي ??ي آءِ جو ايڊيشنل سيڪريٽري عامر محمود ڪياني پڻ موجود هئا. وزيراعظم سمو??ن پارٽي اڳواڻن کي هدايت ڪئي ته اهي سڄي ملڪ ۾ پارٽي جي تنظيمي ڍانچي کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ موثر قدم کڻن. هن مختلف صوبن، علائقن ۾ ايندڙ بلدياتي چونڊن ۾ ڪاميابي کي يقيني بنائڻ جي لاءِ ڪارڪنن کي موثر انداز ۾ متحرڪ ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي.