اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاق?? وزي?? چوڌري فواد حسين ينگ پارليامينٽرين فورم جي چ??نڊ?? ۾ ناڻي واري پارلياماني سيڪريٽري ۽ قومي اسيمبلي ميمبر مخدوم زين قريشي کي بنا مقابلي صدر، ڪنول شوذب (جنرل سيڪريٽري)، تاشفين صفدر (ميڊيا ڪوآرڊينيٽر)، رومينه خورشيد عالم (نائب صدر)، سيد مرتضيٰ محمود، (جوائنٽ سيڪريٽري) ۽ سيده نوشين افتخار کي ناڻي واري سيڪريٽري چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني آهي، پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري فواق?? وزير چيو ته ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ نوجوانن جي شموليت وزيراعظم عمران خان جو ويزن آهي، ملڪ کي درپيش چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۽ پائيدار سماجي ترقي لاءِ نوجوان قانونسازن جو ڪردار اڻٽر آهي، هن چيو ته ينگ پارليامينٽرين فورم نوجوان پارليامينٽرينز جي تربيت ۽ صلاحيتون پيدا ڪرڻ لاءِ هڪ موثر پليٽ فارم آهي، اميد آهي ته ينگ پارليامينٽرينز فورم جا نوان چ??نڊ??ل عهديدار ان ڏس ۾ پنهنجو فعال ڪردار اد?? ڪندا، واضح رهي ته ينگ پارليامينٽرينز فورم جو پيٽرن ڊپٽي اسپيڪر قومي اسيمبلي قاسم خان سوري آهي، ينگ پارليامينٽرين فورم جون چ??نڊ??ن سندس نگراني ۾ منعقد ٿيون.