راولپنڊي- 16 ڊسمبر (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه سان ج??پا?? جي سفير وادا مٽسو هيرو جي ايڇ ڪيو ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن، علائقائي سلامتي، افغانستان جي موجوده صورتحال خاص طور تي انساني امداد ۾ سهڪار/شراڪتداري تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي آءِ ايس پي آر مطابق آرمي چيف چيو ته پاڪستان جي عالمي ۽ علائقائي معاملن تي ج??پا?? جي ??رد??ر کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ اسان پنهنجن ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌائڻ جا خواهشمند آهيون. آرمي چيف انساني بحران کي روڪڻ لاءِ افغانستان کي انساني امداد پهچائڻ لاءِ فوري طور تي هڪ اداره جاتي طريقيڪار واضح ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. آرمي چيف افغانستان ۾ امن ۽ م??اه??ت جي قدمن جي اهميت تي زور ڏنو. آرمي چيف ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته ڪشمير تڪرار جو پُرامن حل ڏکڻ ايشيا ۾ استحڪام لاءِ ضروري آهي ۽ پاڪستان علائقائي امن ۽ خ??شحاليءَ لاءِ سمورن پاڙيسرين سان گڏ خوشگوار ناتا چاهي ٿو. ج??پا??ي سفير افغان صورتحال تي پاڪستان جي ??رد??ر ۽ علائقائي استحڪام لاءِ خاص ڪوششن کي سارا??يو ۽ پاڪستان سان هر سطح تي سفارتي سهڪار ۾ وڌيڪ بهتريءَ لاءِ پنهنجي ??رد??ر ادا ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.