اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ڪڏهن قطري خط، ڪ??هن ڪيلبري فونٽ جعلي ٽرسٽ ڊيڊ، ڪ??هن مرحوم جج ارشد ملڪ کي بليڪ ميل ڪري وڊ??و، ڪڏهن ن ليگي ورڪر اڳوڻي چيف جج رانا شميم جو جعلي حلف نامو ۽ ڪڏهن جعلي آڊيو ٽپس آڻي رهيا آهن پر نواز شريف ۽ سندس خاندان اڄ تائين لنڊن محلات جون ر??يد??ن ڪنهن عدالت ۾ نه پيش ڪري سگهيا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته مريم صفدر ٽي وي تي ڪوڙ ڳالهايو ته منهنجي لنڊن ۾ ته ڇا پاڪستان ۾ به ڪا پراپرٽي نه آهي. بعد ۾ معلوم ٿيو ته نيلسن اينڊ نيسڪول آف شور ڪمپنيون لنڊن ۾ شريف فيملي جي استعمال هيٺ فليٽس جي مالڪ بينيفيشل اونر مريم صفدر آهي. هن چيو ته ڪيلبري فونٽ مارڪيٽ ۾ اچڻ کان پهرين جعلي ٽرسٽ ڊيڊ ٺاهي وئي، هن چيو ته پاناما انڪشاف اچڻ کانپوءِ نواز شريف ۽ فيملي ڪوڙ ۽ جعلي دستاويزن کانسواءِ عدالتن ۾ ڪجهه جمع ناهي ڪرا??و. ??هريون ڪوڙ اسيمبلي جي فلور تي بيهي نواز شريف چيو ته هي آهن اهي ذريعا ??ضور جنهن سان لنڊن جا فليٽس خريد ڪيا ويا بعد ۾ سپريم ڪورٽ ۾ نئين ڪهاڻي قطري خط پيش ڪيو ويو.