ڪراچي – 13 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي انشورنس محتسب (ايف آئي او) جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو آه?? ته ايف آئي او شڪايت ڪندڙن کي انهن سان ٿيندڙ ناانصافين جي خلاف بنا معاوضي ۽ فوري انصاف فراهم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آه??، وفاقي انشورنس محتسب ٻنهي ڌرين يعني انشورنس پاليسي هولڊرز ۽ انشورنس ڪمپنين جي رضامندي سان وڏي انگ ۾ شڪايتن کي حل ڪيو آه??. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ۾ وفاقي انشورنس محتسب جي اهتمام هيٺ انشورنس انڊستري ۾ شفافيت جي اهميت جي موضوع تي منعقد سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته گذريل سال ايف آئي او شڪايت ڪندڙن کي 410 ملين رپين جو مالياتي ريليف فراهم ڪيو آه?? ۽ هن سال مالياتي ريليف ۾ 2.13 ارب رپين جو اضافو ٿيو آه??. هن ٻڌايو ته مالياتي ريليف جا اهي انگ اکر ايندڙ سال 2.30 ارب رپين تائين وڌڻ جي اميد آه??. هن چيو ته شڪايت ڪندڙن کي تيز رفتار ۽ بنا معاوضي انصاف فراهم ڪرڻ ج?? ڪري گذريل سال جي ڀيٽ ۾ ايف آئي او وٽ شڪايتن جي داخلا ۾ 50 سيڪڙو اضافو ٿيو. هن وڌيڪ چيو ته شڪايتن جو ازالو 90 سيڪڙو رهيو ۽ ڪل رجسٽرڊ ڪيسن مان 90 سيڪڙو کان وڌيڪ ڪيسز 60 ڏينهن جي اندر اڪلايا ويا. عوام ۾ وفاقي انشورنس محتسب جي حوالي سان گهٽ آگاهي تي هن افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته مشڪل سان 4 کان 5 سيڪڙو ماڻهو هن اداري بابت ڄاڻين ٿا. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هن اداري پاران ڏني ويندڙ خدمتن کان عوام کي آگاهه ڪيو وڃي. صدر وفاقي انشورنس محتسب کي فرض سرانجام ڏيڻ ۾ پنهنجي مڪمل تعاون جي خاطر?? ڪرائيندي چيو ته بدعنواني جي خلاف متاثر پاليسي هولڊرز کي وڌ کان وڌ ريليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششن کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي ضرورت آه??. وفاقي انشورنس محتسب ڊاڪٽر محمد خاور جميل چيو ته قومي جي ڊي پي ۾ انشورنس سيڪٽر جو حصو گهٽ آه?? ۽ قومي ناڻي ۾ ان جو حصو وڌائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪيون ويون آه??. هن وڌيڪ چيو ته بئنڪ مئنيجر ان اسڪيم تحت انشورنس پاليسين جو سيلز ايجنٽ بڻجي ويو آه??، جيڪو ان جي نوڪري جو حصو نه آه??. هن چيو ته اها به انتهائي بدقسمتي جي ڳالهه آه?? ته بئنڪ مئنيجر معصوم صارفين کي ڦاسائڻ جي لاءِ انشورنس اسڪيمن بابت بئنڪنگ صارفين آڏو حقيقتن کي غلط بيان ڪري ٿو. هن چيو ته هن سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان، اسٽيٽ بنڪ آف پاڪستان ۽ پاڪستان بئنڪس ايسوسيئيشن سان رابطو ڪيو آه?? ته جيئن صورتحال جو ??ائ??و وٺي سگهجي ۽ پاليسي هولڊرز کي دوکيبازي جي سرگرمين کان بچائي سگهجي. بعد ۾ صدر ڪليم سيٽلمينٽ جا چيڪ شڪايت ڪندڙن جي حوالي ڪيا.