اسلام آباد – 10 – نومبر (اي ??ي پي) وزيراعظم عمران خان نئون پاڪستان هائوسنگ اينڊ ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اٿارٽي جي چيئرمين وزيراعظم کي ملڪ ۾ جاري رهائشي منصوبن تي اڳڀرائي کان آگ??هه ڪيو. هن وزيراعظم کي اٿارٽي جي ايندڙ تعمي??ات?? ۽ رهائشي منصوبن بابت پڻ ٻڌايو. وزيراعظم عمران خان رهائشي منصوبن تي اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي هدايت ڪئي ته سمورن منصوبن تي ڪم جي رفتار کي ت??ز ڪيو وڃي ته جيئن ملڪ جي گهٽ ۽ وچولي آمدني وار?? طبق کي سستي رهائش جي سهولت ملي سگهي.