اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعا?? ۽ ??شريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پاڪستان فلم انڊسٽري جي مشهور ا??اڪاره دردانه بٽ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ اف??وس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن چيو ته دردانه بٽ اهڙي شاندار صلاحيتن واري فنڪار هئي جنهن کان ٻيا اداڪار به س??ندا هئا. پنهنجي پرڪشش شخصيت کانسواءِ هن پنهنجي فنڪاراڻي قابليت سان عوام کان بي پناهه محبت ۽ داد وصول ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سندس لاڏاڻو شوبز انڊسٽري لاءِ هڪ وڏو نقصان آهي، هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومه جا درجا بلند فرمائي ۽ پوئينرن کي صبر جميل عطا فرمائي.