اسلام آباد – 11 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪستان سٽيزن پورٽل ت?? ريليف جي حوالي سان عوام جي شڪايتن جي ازالي لاءِ وڏو فيصلو ڪندي 1 لک 55 هزار شڪايتن کي ٻيهر کولڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، جولاءِ 2020ع کان ڊسمبر 2020ع تائين غيرمطمئن شهرين جي شڪايتن کي ٻيهر کو??يو ويندو. پرائيم منسٽر ڊيليوري يونٽ (پي ايم ڊي يو) وزيراعظم جي هدايتن تي شڪايتن کي مرحليوار کو??يو ويندو، شڪايتن تي نظرثاني جي لاءِ ٻيهر کولي ويندڙ شڪايتون اعليٰ آفيسرن کي تفويض، نظرثاني شڪايتن جي لاءِ لاڳاپيل شهرين سان رابطي ۽ مجاز آفيسر جي راءِ لازمي قرار ڏنو ويو آهي. وزيراعظم آفيس موجب پهرين مرحلي ۾ ملڪيتن جي تڪرارن، امن امان ۽ انساني حقن بابت شڪايتن کي ٻيهر کو??يو ويندو.