اسلام آباد – 31 – ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ جي انساني حقن بابت اسٽينڊنگ ڪم??ٽي جو اجلاس ڪم??ٽي جي چيئرمين سينيٽر مصطفيِ نواز کوکر جي سربراهي ۾ منعقد ٿيو، سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جا??ي بيان موجب ڪم??ٽي جي اجلاس ۾ معصوم مسيحي ٻارڙي جي اغوا سميت ٻيا معاملا ب??ث هيٺ آيا، اجلاس ۾ فيصل آباد پوليس عملدارن ڪم??ٽي کي ٻارڙي جي اغوا جي حوالي سان جاچ عمل کان آگاهه ڪيو ۽ ٻڌايو ته ٻارڙي جو ميڊيڪل ٽيسٽ ڪرائڻ کانسواءِ ٻي ضروري ڪارروائي اڪلائي وئي، ٻ??رڙي جي وارثن ان موقعي تي ٻڌايو ته فرح نالي ٻارڙيءَ ۽ ان جو ڀاءُ وقاص جاڙا آهن، ٻنهي جي پيدائش جي تاريخ فارم (ب) ۾ لکيل آهي، ٻ??رڙي جي والد پوليس جي رويي جي باري ۾ ڪم??ٽي کي شڪايت ڪئي، ڪم??ٽي جي چيئرمين ٻارڙي جي وارثن کي خاطري ڪرائي ته ذميدارن جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، ڪم??ٽي ايس ايس پي کي هدايتون ڏنيون ته ان پوري معاملي جي ڇنڊڇاڻ ڪري ڪم??ٽي کي 6 جنوري 2021ع تي تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وڃي.