اسلام آباد – 09 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي ماءُ ۽ ٻار جي صحت ۽ غذائي کوٽ تي ضابطو آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻارن جي پيدائش ۾ وقفي ??ان آبادي جي مسئلي تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو، ان مسئلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سمورين لاڳاپيل ڌرين جي وچ ۾ ٺوس رابطن ۽ ٺوس حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت آهي، آبادي جي تصديق ٿيل انگن اکرن ??ان مستقبل بابت ٺوس منصوبابندي ۾ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آبادي بابت سيمينار کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي ڪيو. صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي چيو ته هن وقت پاڪستان کي ڪورونا وبا جي ٻي لهر درپيش آهي، ا??ان کي ان وبا کان ??چڻ جي لاءِ ايس او پيز تي ڀرپور طريقي ??ان عملدرآمد ڪرڻ گهرجي، مون به ماسڪ پاتو آهي ۽ عوام کي به عوامي جاين تي ماسڪ پائڻ گهرجي، بار بار هٿ ڌوئڻ گهرجن ۽ سماجي فاصلي جو خيال رکڻ گهرجي.