اسلام ??با?? – 22 آگسٽ (اي پي پي) پارلياماني ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين شهريار آفريدي چيو آهي ته ڪشمير ۽ جوهري پروگرام تي ڪو به ٺ??هه نٿو ٿي سگهي، انهن ٻنهي معاملن تي پاڪستان ج?? سمورين سياسي پارٽين جي وچ ۾ مڪمل اتفاق راءِ آهي. ”اي پي پي“ ۽ ريڊيو پاڪستان کي ڏنل پينل ??نٽ??ويو ۾ هن چيو ته ڪشمير ۽ جوهري پروگرام تي ڪا به سياسي پارٽي يا اڳواڻ ٺ??هه نٿو ڪري سگهي، اهي ٻئي معاملا پاڪستان جي تذويراتي پاليسين سان جڙيل آهن ۽ اهي پاڪستان جو بنياد ۽ نظريي ??ي لاءِ ضروري آهن. هن چيو ته پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام پنهنجي ڪشميري ڀائرن جي آزادي جي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ بيٺل آهن ۽ وزيراعظم عمران خان جيڪو ڪشميرين جو سفير آهي ۽ هن ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جو مسئلو هر فورم تي اٿاريو آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ اسلامي ملڪن جي تنظيم او آءِ سي، ترڪي، ايران ۽ ملائيشيا ڪشميرين ??ي لاءِ آواز بلند ڪرڻ ??ي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو.